بابر اعظم هڪ ڀيرو ٻيهر ون ڊي ۽ ٽي ٽوئنٽي جو ڪپتان مقرر

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ڀلوڙ بيٽر بابر اعظم کي وري ون ڊي ۽ ٽي ٽوئنٽي فارميٽ جو ڪپتان مقرر ڪري ڇڏيو.
پي سي بي طرفان جاري ڪيل پڌرائيءَ موجب سليڪشن ڪميٽي جي گڏيل تجويز کانپوءِ چيئرمين محسن نقوي، بابر اعظم کي وائيٽ بال (ون ڊي ۽ ٽي ٽوئنٽي) جو ڪپتان مقرر ڪري ڇڏيو.
واضح رهي ته بابر اعظم ورلڊ ڪپ سميت 71 ٽي ٽوئنٽي ميچن ۾ قومي ٽيم جي قيادت ڪئي آهي، جڏهن ته هو 52 ٽيسٽ، 117 ون ڊي ۽ 109 ٽي ٽوئنٽي ميچن ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪري چڪو آهي.
بابر اعظم گذريل سال نومبر ۾ ٽنهي فارميٽن جي ڪپتاني تان هٿ کنيو هو، جنهن کانپوءِ پي سي بي شاهين آفريدي کي ٽي ٽوئنٽي ۽ شان مسعود کي ٽيسٽ جو ڪپتان مقرر ڪيو هو پر ون ڊي فارميٽ جي ڪپتان جي حوالي سان ڪو فيصلو نه ڪيو ويو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.