پريا ڪماري جي آزادي لاءِ اعليٰ سطحي ڪميٽي جوڙي ويندي: ضياءُ الحسن لنجار

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) مڪاني کاتن واري صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته آصفا ڀٽو زرداري جي ڪاميابي کي پي ٽي آءِ ڄاڻي واڻي تڪراري بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي، کين اهڙي مهم مان ڪجهه حاصل نه ٿيندو.
ڪراچي ۾ صوبائي وزير ضياءُ الحسن لنجار سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي سعيد غني چيو ته نوابشاهه جي سيٽ تي پ پ وڏي ليڊ سان کٽيندي رهي آهي، آصفا ڀٽو جي حوالي سان اسان وڏي ليڊ جي اميد ڪري رهيا هئاسين.
هن چيو ته جي ڊي اي ۽ ٻيون جماعتون اليڪشن کان اڳ ئي فرار ٿي ويون، چونڊ عمل بلڪل درست ٿيو، نتيجو تسليم ڪريو، سياسي عمل تڪراري نه بڻايو.
ان موقعي تي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار چيو ته ڪچي ۾ هرکجي اغوا ٿيڻ جا رڳو ٻه واقعا ٿيا آهن، سکر ڊويزن ۾ گھوٽڪي ۽ خيرپور ضلعا بهتر آهن، شڪارپور ۽ سکر جي ايس ايس پيز کي تبديل ڪري ڇڏيو آهي.
هن چيو ته سنڌ ۾ امن امان قائم ڪري ڏيکارينداسين، ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائيم ۽ ڪچي ۾ امن امان جا مسئلا آهن، جنهن به علائقي ۾ ڏوهه ٿيندو ان ايس ايڇ او کي سزا ملندي، ڪوتاهي ڪندڙ پوليس آفيسرن خلاف ڪارروائي ٿيندي.
سندس چوڻ هو ته پريا ڪماري جي آزادي لاءِ اعليٰ سطحي ڪميٽي جوڙي ويندي، ڏوهارين جو خاتمو ڪري سک جو ساهه کڻنداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.