بدامني جو سبب قبيلائي جهيڙا آهن، فوج جي مدد وٺنداسين: مراد علي شاهه

غوثپور (ويب ڊيسڪ) وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته نگران حڪومت دوران امن امان جي صورتحال وڌيڪ خراب ٿي، جلد پوليس کي ملٽري گريڊ جا هٿيار ڏنا ويندا، جڏهن ته قبيلائي تڪرارن جو خاتمو ڪرايو ويندو.
مراد علي شاهه غوثپور پهچي ڳوٺ دڙي سندراڻي ۾ پ پ ايم پي اي عابد سندراڻي سان سندس گهرواري جي لاڏاڻي تي عذرخواهي ڪئي.
ان موقعي تي صوبائي صلاحڪار احسان الرحمان مزاري، مڪيش ڪمار چاولا، امداد پتافي، ممتاز جکراڻي به ساڻس گڏ هئا.
صحافين سان ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته ڪشمور، ڪنڌڪوٽ، شڪارپور، گهوٽڪي، سکر ۽ جيڪب آباد ۾ بدامني جو سبب قبيلائي جهيڙا آهن، جلد جهيڙن کي ختم ڪيو ويندو.
هن چيو ته پوليس عملدارن جون شهادتون ٿيون آهن، فوج کان مدد وٺنداسين ۽ ان لاءِ وفاق سان رابطو ڪيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.