اسلام آباد ( م ڊ ) اسلام آباد جي مقامي عدالت حقيقي آزادي مارچ تي داخل ڪيس ۾ خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور ۽ شاهه محمود قريشي جا ناقابل ضمانت گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن. جڊيشل مئجسٽريٽ نويد خان ڪورل ٿاڻي تي داخل ڪيس جي ٻڌڻي لاءِ لکت ۾ حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي، فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته تحريڪ انصاف اڳواڻ فيصل جاويد خان ۽ علي نواز اعواڻ کي 26 مئي 2022 تي ڪورال ٿاڻي ۾ داخل ٿيل ڪيس ۾ ثبوتن جي بنياد تي بري ڪيو ويو، ان حوالي سان چيو ويو ته عدالت پي ٽي آءِ جي باني عمران خان کي واقعي جي آزادي مارچ جي ڪيس مان اڳ ئي بري ڪري چڪي آهي، عدالت حڪم ۾ وڌيڪ چيو ته شاهه محمود قريشي ۽ علي امين گنڊاپور کي بار بار گهرائڻ باوجود هو عدالت ۾ پيش نه ٿيا ۽ هاڻ کيس گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا وڃن. عدالت چيو ته ڪيس جي ٻڌڻي 20 مئي تي ٿيندي، واضح رهي ته اختيارين 25 مئي 2022 تي عمران خان جي حقيقي آزادي مارچ کي روڪڻ لاءِ قلم 144 لاڳو ڪيو هو، جنهن تحت 4 کان وڌيڪ ماڻهو گڏ نه پئي ٿي سگهيا.