وفاق سنڌ کي نظرانداز پيو ڪري، ناحق پئسا ڪٽيا پيا وڃن: وڏي وزير جو ناڻي وزير آڏو احتجاج

ڪراچي ( رپورٽ: ذوالفقار راڄپر ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه وفاقي حڪومت  سنڌ جي پيسن مان ناجائز نموني ڪٽوتي ڪري رهي آهي ۽ ناجائز طور سنڌ جا کنيل پئسا واپس به نه ٿا ڪيا وڃن، وفاقي حڪومت سراسري طور تي 13.4 بلين رپيا ڪٽوتي ڪئي آهي، جنهن مان 8.2 بلين رپيا حيسڪو ۽ 5.2 بلين رپيا سيپڪو لاءِ هئا سنڌ جي رقم مان وڏي پيماني تي پنهنجي مرضيءَ سان رقم ڪٽي رهيو آهي، تازو  وفاقي حڪومت سراسري طور تي 13.4 بلين رپيا ڪٽوتي ڪئي آهي، جنهن مان 8.2 بلين رپيا حيسڪو ۽ 5.2 بلين رپيا سيپڪو لاءِ هئا ۽ ايف بي آر 1948ع کان 2015ع تائين سنڌ ۾ رجسٽرڊ ٿيل گاڏين جي حوالي سان صوبي جي وسيلن مان 6 ارب رپيا ڪٽيا ويا آهن. اھڙو مسئلو حل ٿيڻ باوجود اڃا تائين رقم واپس ناھي ڪئي وئي. هن اها ڳالهه وزير اعلي هائوس ۾  ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب سان ملاقات دوران ڳالهائيندي چئي. ان ملاقات ۽ اجلاس ۾ سنڌ ۽ وفاق طرفان صوبي ۽ ملڪ اندر اندروني ۽ ٻاهرين سيڙپڪاري کي هٿي وٺرائن لاءِ  پرڏيهي سيڙپڪاري  سھڪار ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي، جنهن سان صوبي ۽ ملڪ  خاص ڪري ۾ مالي استحڪام ۾ مضبوطي پيدا ٿيندي. ان ملاقات ۾ پي ايس سي ايم آغا واصف، ناڻي واري وزارت جو ايڊيشنل سيڪريٽري امجد محمود ۽ صوبائي سيڪريٽري فنانس فياض جتوئي پڻ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي سنڌ جي وڏي وزير چيو ته ايف بي آر ۽ ٻيا وفاقي ادارا قائم ڪيل پاليسيءَ جي ابتڙ وسيلن ۾ غيرقانوني طور تي ڪاٽي رهيا آهن. ھن چيو ته وفاقي حڪومت صوبائي حڪومت جا سورس ڊيڊڪشن ذريعي رقم ڪٽي رهي آهي، تازو وفاقي حڪومت سراسري طور تي 13.4 بلين رپيا ڪٽوتي ڪئي آهي، جنهن مان 8.2 بلين رپيا حيسڪو ۽ 5.2 بلين رپيا سيپڪو لاءِ هئا. سنڌ جي وڏي وزير نشاندهي ڪئي ته سندس حڪومت هميشه پنهنجا بجلي جا بل وقت سر ادا ڪندي رھي آهي. جيڪڏهن بقايا بل هئا جن کي ملائڻ جي ضرورت هئي ته ان بدران وفاقي حڪومت کي اھڙي معاملي تي ڌيان ڏيڻ گهرجي ها . ناڻي واري وفاقي  وزير وڏي وزير کي ٻڌايو ته هو وفاقي ۽ صوبائي ادارن وچ ۾ مناسب پروفيشنل ورڪنگ لاڳاپن کي وڌائڻ لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي. هن چيو ته وفاقي ۽ صوبائي ادارن کي گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي ۽ هڪ ٻئي جي صلاحيتن مان سکڻ، ترقي لاءِ هڪ ٻئي جو ساٿ ڏيڻ ۽ اجتماعي بهتري ۽ ترقي لاءِ سھڪار ڪرڻ گهرجي. محمد اورنگزيب وڏي وزير کي يقين ڏياريو ته ايٽ سورس ڊيڊڪشن جو مسئلو خوشيءَ سان حل ڪيو ويندو. وڏي وزير ۽ وفاقي ناڻي واري وزير صنعتي گئس جي اگهن ۾ واڌ تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته صنعتي گئس جي اگهن ۾ واڌ تي صنعتڪار سخت پريشان آهن. ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته صنعتڪارن سان ملاقات دوران کين شڪايتون به ڪيون آھن، ان ڪري هن معاملي کي حل ڪرڻ لاءِ پيٽروليم واري وفاقي وزير سان ڳالهائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته پي ايس ڊي پي صوبائي حڪومت سان گڏ آهي. گذريل اٺن سالن ۾ ڪا به نئين اسڪيم ناھي ڏني وئي،  سنڌ جي ڀيٽ ۾ وفاق جي پي ايس ڊي پي ۾ ٻين صوبن کي نيون اسڪيمون ڏنيون ويون آهن. وفاقي وزير محمد اورنگزيب ۽ سيد مراد علي شاهه ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته پي ايس ڊي پي جي نيين اسڪيمن جي معاملي تي رٿابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير سان ڳالهه ٻولهه ڪئي ويندي.ان ڳالهه تي به اتفاق ڪيو ويو ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون گڏجي زرعي شعبي کي سائنسي ۽ جديد طريقن تي ترقي ڏيارڻ لاءِ ڪم ڪنديون. ان ڳالهه جي نشاندهي ڪئي وئي ته ايڪسپورٽ معيار جي فصلن، ڀاڄين، ميونن ۽ کير جي شين جي پوک لاءِ تمام گهڻي گنجائش موجود آهي ته جيئن ايڪسپورٽ ذريعي پرڏيهي مٽاسٽا حاصل ڪري سگهجي. وڏي وزير وفاقي ناڻي واري وزير کي ٻڌايو ته هو فصل جي پيداوار کي بهتر بڻائڻ لاءِ نئين ٽيڪنالاجي متعارف ڪرائڻ تي ڪم ڪري رهيا آهن ۽ مارڪيٽ ۾ تصديق ٿيل ٻجن جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن.ٻوڏ سبب تباهه ٿيل انفراسٽرڪچر جي بحاليءَ بابت ڳالهائيندي سنڌ جي وڏي وزير وفاقي ناڻي واري وزير کي ٻڌايو ته گهرن، اسڪولن جي عمارتن ۽ روڊن جي بحاليءَ جو ڪم ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته امدادي ادارن ٻوڏ متاثر انفراسٽرڪچر جي تعمير لاءِ مدد جو هٿ وڌايو آهي، پر عالمي برادري واعدي موجب فنڊن ۾ واڌ ناهي ڪئي. وڏي وزير ۽ وفاقي وزير مختلف شعبن ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري وڌائڻ تي به اتفاق ڪيو جنهن لاءِ سيڙپڪاري جي طريقيڪار کي آسان ۽ خودڪار بڻايو ويندو. وفاقي ناڻي واري وزير بهترين پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ يونٽ قائم ڪرڻ تي سنڌ جي وڏي وزير جي ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته صوبائي حڪومت سنڌ ۾ موثر پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ کي ھٿي وٺرائي آهي ۽ ان جو ثمر سرڪاري ۽ پرائيويٽ پارٽنر حاصل ڪري رهيا آهن. وڏي وزير وفاقي وزير جي دوري ۽ تعاون تي شڪريو ادا ڪيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.