اسلام آباد(م ڊ) سپريم ڪورٽ بار جسٽس (ر) تصدق جيلاني کي ججن جي خط جي جاچ لاءِ حڪومت پاران جوڙيل انڪوائري ڪميشن جو سربراهه مقرر ڪرڻ تي اعتماد جو اظهار ڪيو آهي.سپريم ڪورٽ بار جي صدر شهزاد شوڪت پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو ته سپريم ڪورٽ بار تصدق حسين جيلاني جي ڪميشن سربراهه طور مقرري کي ڀليڪار ڪري ٿي.هن چيو ته جيڪڏهن بار جو ڪو به عهديدار انفرادي طور تصدق جيلاني بابت بيان ڏئي ٿو ته ان کي سپريم ڪورٽ بار سان منسوب نه ڪيو وڃي.