اسلام آباد(عوامي آواز نيوز) پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني عمران خان جي ڀيڻ عيلمھ خان ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو آھي تھ نوازشريف کي اقامھ ۾ عدالت جي ڏنل سزا غلط ھئي.ججن کي ايئن نھ ڪرڻ گھرجي ھا.تجزئي ڪندڙن جو خيال آھي تھ اھو بيان ظاھر ڪري ٿو تھ پارٽي ۾ اھو خيال آھي تھ مسلم ليگ ن سان جھيڙي کي گھٽائڻ گھرجي.جڏھن تھ ان بيان تي پارٽي ڪارڪن حيران آھن تھ عليمھ خان نوازشريف سان ڪيئن ھٿ ملائي رھي آھي.