ٽيچرس لائسنس لاءِ ٽيسٽ نتيجن جو اعلان

ڪراچي ( رپورٽر ) سنڌ ۾ ٽيچرس لائسنس لاءِ ٽيسٽ جي نتيجن جو اعلان ڪيو ويو آهي. 28 جنوري تي ٿيل امتحان ۾ 4000 اميدوارن حصو ورتو، ان سلسلي ۾ زندگي ٽرسٽ جي شهزاد راءِ اهم ڪردار ادا ڪيو. سنڌ حڪومت صوبي جي 646 استادن کي ٽيچنگ لائسنس  جاري ڪري ڇڏيا آهن جيڪي سنڌ ٽيچنگ لائسنسنگ پاليسي 2023 تحت جاري ڪيا ويا آهن. ٽيچنگ لائسنس هولڊرز ۾ سرڪاري توڙي پرائيويٽ استاد شامل آهن. ايس اِي بي اي ٽيسٽنگ سروس پاران سنڌ ٽيچنگ لائسنس حاصل ڪندڙ استادن جا ٽيسٽ ورتا ويا. شهزاد راءِ چيو آهي ته پاڪستان جو نئون نسل تجزياتي سوچ رکندڙ هوندو، استادن جي لائسنس جاري ڪرڻ ۾ تعليم واري وزير سنڌ سردار شاهه جو ڪردار اهم آهي. سنڌ جي تعليم واري وزير سيد سردار علي شاهه ڪامياب اميدوارن کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته ڪامياب استادن کي سروس رولز تحت مراعتون ۽ ترقيون پڻ ڏنيون وينديون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.