ججن جي خط تي انڪوائري ڪميشن قائم، جسٽس (ر) تصدق حسين جيلاني سربراهه مقرر

اسلام آباد (م ڊ) وفاقي ڪابينا اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 6 ججن جي خط تي انڪوائري ڪميشن جوڙي ڇڏي ۽ گڏوگڏ انڪوائري ڪميشن جا ٽي آو آرز به منظوري  ڪيا ويا. وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا اجلاس ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 6 ججن جي خط جي معاملي تي غور ڪيو ويو. پڌرائيءَ موجب وفاقي ڪابينا خط جي معاملي تي انڪوائري ڪميشن جوڙڻ جي منظوري ڏني ۽ اڳوڻي چيف جسٽس تصدق حسين جيلاني کي ڪميشن جو سربراهه نامزد ڪيو ويو. پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته وفاقي ڪابينا انڪوائري ڪميشن جي ٽي او آرز جي به منظوري ڏني، جنهن تحت انڪوائري ڪميشن ججن جي خط ۾ لاڳو الزامن جي مڪمل جاچ ڪندي ۽ پتو لڳائيندي ته اهي الزام درست آهن يا نه؟ ٽي او آرز ۾ اهو به شامل آهي ته انڪوائري ڪميشن پتو لڳائيندي ته ڇا ڪو اهلڪار سڌي ريت مداخلت ۾ ملوث هو؟ ڪميشن کي انڪوائري دوران ڪنهن ٻئي معاملي جي به جاچ ڪرڻ جو اختيار هوندو پڌرائيءَ موجب ڪميشن جاچ ڪري حقيقتن جي بنياد تي ڪنهن ايجنسي، کاتي يا حڪومتي اداري خلاف ڪارروائي تجويز ڪندي. پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته ڪابينا 6 ججن جي خط ۾ ايگزيڪيوٽو جي مداخلت جي الزام کي نامناسب قرار ڏنو ۽ چيو ته دستور پاڪستان ۾ طئي ڪيل ٽن رياستي ادارن ۾ اختيارن جي ورڇ جي اصول تي پختو يقين رکون ٿا. هوڏانهن ڪميشن جي سربراهه جسٽس رٽائرڊ تصدق حسين جيلاني ميڊيا سان خاص ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته حڪومت پاران ڪميشن جي سربراهي لاءِ رابطو ڪيو ويو هو، حڪومت طرفان جمع ڪرايل ٽي او آرز جو  جائزو ورتو آهي ۽ مون ان تي اتفاق ڪيو آهي. هن چيو ته جاچ صاف، شفاف ۽ ميرٽ تي ٿيندي، انڪوائري ڪميشن جو مقصد عدليه جي آزادي کي برقرار رکڻ آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.