”ڌاڙيل راڄ نامنظور،پريا ڪماري آزاد ڪريو“ لاڙڪاڻي ۾ عوامي تحريڪ جي ريلي

لاڙڪاڻو(رپورٽ:عبدالوحيد ابڙو) سنڌ کي ڌاڙيلن حوالي ڪرڻ بند ڪريو، معصوم پريا  ڪماري سميت سمورن مغوين کي آزاد ڪرايو، لاڙڪاڻي ۾ عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ جي ريلي، ريلي  ۾ عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن سان گڏ ساڃاهه وندن ۽ شهرين جي به وڏي انگ ۾ شرڪت. ڌاڙيلن جي سرپرستي ڪندڙن، پوليس پاران ڌاڙيلن کي تحفظ فراهم ڪرڻ، نيٽو جا جديد هٿيار پهچائيندڙ قوتن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ لاءِ سپريم ڪورٽ جي حاضر سروس ججن تي مشتمل جاچ ڪميشن جوڙڻ جو مطالبو، امن ڪرايو يا استعيفيٰ ڏيو، پريا ڪماري کي آزاد ڪريو، مغوين کي بازياب ڪرايو، ڌاڙيلن کي گرفتار ڪريو جا زروردار نعرا هنيا ويا. عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار، مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار، مرڪزي نائب صدر ايڊووڪيٽ ساجد حسين مهيسر، عوامي تحريڪ جي مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري ماهه نور ملاح، سنڌي هاري تحريڪ جي مرڪزي صدر ڪامريڊ غلام مصطفي چانڊئي، عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ ڪامريڊ سرتاج احمد چانڊئي، ضلعي لاڙڪاڻي جي صدر علي حسن وڪي، ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي صدر عرفان منان، ضلعي دادو جي صدر ايڊووڪيٽ نجيب الرحمان مهيسر، هندو پنچائت جي چيئرمين هريش لعل، سماجي اڳواڻ ڊاڪٽر ديالي گل، ليکڪ ڊاڪٽر سڪندر مغل، ڊاڪٽر ذوالفقار راهوجي، ڊاڪٽر حفيظ راهوجي، ڊاڪٽر منير سومري، ايڊووڪيٽ بهادر شاهاڻي، ايڊووڪيٽ سلمه ڀٽو ۽ ٻين اڳواڻن جلسي عام کي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ پوليس ڏوهارين ۽ ڌاڙيلن جي سهولتڪاري بند ڪري. سنڌ جا سمورا ايس ايس پيز ڌاڙيلن کي پناه ڏيندڙ بڻجي چڪا آهن. پوليس ۽ سموري انتظاميا هن سموري انسان دشمن ڪاروبار ۾ ملوث آهي. اربين رپين جي بجيٽ باوجود پوليس ڌاڙيلن خلاف اثرائتو آپريشن ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي چڪي آهي. هنن چيو ته سنڌ جي زمينن ۽ ٻين وسيلن تي قبضا ڪرڻ لاءِ سنڌ کي ڌاڙيلن حوالي ڪيو ويو آهي. پيپلز پارٽي سرڪار اقتدار خاطر سنڌ جو سودو ڪيو آهي. ڌاڙيلن حڪمرانن جي سرپرستي ۾ سنڌ ۾ رياست اندر رياست قائم ڪئي آهي. سنڌ ۾ آئين ۽ قانون بدران ڌاڙيلن حڪم هلي رهيا آهن. نيٽو جا هٿيار افغانستان مان سنڌ جي ڪچي ۾ اسمگل ڪرائي سنڌ ۽ ملڪ کي تباهه ۽ برباد ڪندڙ قوتن سدائين ملڪ کي نقصان ڏنو آهي. هٿيارن ۽ منشيات جي اسمگلنگ روڪڻ لاءِ گهربل قدم کنيا وڃن. اسمگلنگ ۾ ملوث سرڪاري عملدارن کي عهدن تان هٽائي گرفتار ڪيو وڃي. اڳواڻن وڌيڪ چيو ته رينجرز ۽ پوليس ڌاڙيلن خلاف آپريشن جي نالي ۾ اربين رپيا هڙپ ڪيا آهن، آپريشن کي هٿ وٺي ناڪام ڪندڙ رينجرز ۽ پوليس آفيسرن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.