ڪراچي ( رپورٽر ) فيصل ايڌي پاران پاڪستان ۾ پڙهندڙ غزا جي شاگردن لاءِ مالي مدد جو اعلان، ايڌي فائونڊيشن جي سربراهه فيصل ايڌي پاڪستان ۾ پڙهندڙ غزا جي شاگردن لاءِ 6 مهينن لاءِ مالي مدد جو اعلان ڪري ڇڏيو. پاڪستان ۾ پڙهائيندڙ غزا جي شاگردن ڪراچي ۾ ايڌي سينٽر جو دورو ڪيو. ان حوالي سان فيصل ايڌي جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ غزا جا 70 شاگرد پڙهي رهيا آهن. هن اعلان ڪيو ته پاڪستان ۾ پڙهندڙ شاگردن کي 6 مهينن تائين مالي مدد فراهم ڪنداسين. ايڌي فائونڊيشن جي سربراهه انهن شاگردن کي چيو ته سڀ کان پهريان مان فلسطينين کان معافي گهران ٿو، غزا ۾ جيڪو ڪجهه توهان سڀني سان ٿي رهيو آهي اهو نسل ڪشي آهي. فيصل ايڌي چيو ته تاريخ ۾ ائين ڪڏهن به نه ٿيو، توهان سان ملاقات ڪري خوشي ٿي. خوشيءَ جي ڳالهه آهي ته ڪجهه تعليمي ادارن توهان جون فيسون معاف ڪري ڇڏيون آهن.