گورنر سنڌ جو حيدرآباد واسين لاءِ وڏو اعلان

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري حيدرآباد جي شھرين کي آئي ٽي ڪورس ڪرائڻ جو اعلان ڪيو آهي.
ميڊيا سان ڳالهائيندي گورنر ڪامران ٽيسوري چيوته هو آءِ ٽي ڪورس جو اعلان ڪري آيو ھو ان لاءِ ويب سائيٽ تي رجسٽريشن شروع ڪئي وئي آھي.
هن چيو ته ڪجهه ڏينھن ۾ آءِ ٽي ٽيسٽ حيدرآباد ۾ منعقد ڪئي ويندي، هو چاهي ٿو ته سمورا ماڻھو ان ۾ رجسٽرڊ ٿين.
گورنر سنڌ ڪامران ٽيسوري چيو ته هو چاهي ٿو ته 15 کان 20 لک مھينو ڪمائڻ جو ڏينھن اچي، اهو آءِ ٽي جو ڪورس ڪرڻ سان ئي ممڪن ٿي سگهندو.
هن چيو ته شھري ڪامران ٽيسوري ڊاٽ ڪام تي پنھنجي رجسٽريشن ڪرائن ۽ حيدرآباد ۾ آءِ ٽي يونيورسٽي ۾ داخلا لاءِ تيار ٿي وڃن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.