خيرپور : 3 ٻارڙن جا لاش پيتيءَ مان هٿ اچڻ واري واقعي جو ڪيس داخل

خيرپور ( ويب ڊيسڪ ) خيرپور ۾ 4 ڏينهن اڳ ٽن ٻارڙن جا لاش پيٽي مان هٿ اچڻ واري واقعي جو ڪيس داخل ڪيو ويو.
فوتي ٻارن جي والد شاهنواز شيخ جي فرياد تي بي سيڪشن ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو، جنهن ۾ جميل شيخ، ديدار شيخ، الطاف شيخ ۽ مسمات منوره خاتون زال مبين شيخ کي نامزد ڪيو ويو.
فريادي ايف آئي آر ۾ موقف اختيار ڪيو ته جوابدارن دشمني تحت تشدد ڪري قتل ڪرڻ بعد لاش پيٽي ۾ وجهي فرار ٿي ويا.
هن چيو ته ٻن ڏينهن جي ڳولها بعد ٻارڙن جا لاش گهر اندر پيٽي مان مليا هئا.
هوڏانهن پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدارن جي گرفتاري لاءِ پوليس پارٽي جوڙي وئي آهي، جوابدارن جي گرفتاري لاءِ مختلف هنڌن تي ڇاپا هنيا پيا وڃن.
پوليس جو چوڻ آهي ته نامزد جوابدارن کي جلد گرفتار ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو.
چار ڏينهن اڳ ڳوٺ وڏا سمنگ ۾ ٽن معصوم ٻارڙن مدد علي، مهناز ۽ عارف علي شيخ جا پيٽي مان لاش هٿ آيا هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.