سسٽم تي سوال آهي 6 ورهين کان اچون پيا اڃا تائين انصاف ناهي مليو: اُمِ رُباب

دادو ( ويب ڊيسڪ ) ام رباب چانڊيو جي ٽن گهرڀاتين جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي سينئر وڪيل جي لاڏاڻي سبب وڪيلن طرفان عدالتي ڪارروايون معطل ڪرڻ سبب ملتوي ڪئي وئي.
ماڊل ڪرمنل ٽرائيل ڪورٽ جو جج حسن علي ڪلوڙ ٽيڻي قتل ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.
فريادي پرويز چانڊيو، الزام هيٺ آيل ايم پي اي سردار احمد چانڊيو ۽ برھان خان چانڊيو عدالت ۾ پيش ٿيا.
ميھڙ بار جي سينئر وڪيل قاضي مشتاق احمد مھيسر جي لاڏاڻي سبب سوڳ ۾ دادو بار پاران عدالتي ڪارروايون معطل ڪيون ويون.
عدالت وڪيلن جي پيش نه ٿيڻ سبب ڪيس جي ٻڌڻي 6 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
ميڊيا سان ڳالھائيندي ام رباب چانڊيو جو چوڻ هو ته سسٽم تي سوال آهي 6 ورهين کان اچون پيا اڃا تائين انصاف پلئي نه پيو آهي، عدالت مان انصاف جي اميد آهي جنهن ڪري ئي اچن پيا.
ام رباب چانڊيو چيو ته خدا جي ذات تي يقين آهي بيگناهه خون ڪڏهن به رائيگان نه ويندا، اميد ته هن ئي سال عدالتون انصاف ڪنديون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.