روس جي ملڪ ۾ دهشتگردي جي وڏي سازش ناڪام بڻائڻ جي دعويٰ

ماسڪو ( ويب ڊيسڪ ) روس جِي ڳجهي سروس سينٽرل ايشيائي ملڪ جَي ٽن شڪي دهشتگردن کي گرفتار ڪري ملڪ ۾ بم ڌماڪي جِي وڏي سازش ناڪام بڻائي ڇڏي.
روسي ميڊيا تي جاري وڊيو ۾ ٽن شڪي ماڻهن کي ڏيکاريو ويو آهي، جيڪي استاور پول واري علائقي ۾ بم ڌماڪو ڪرڻ جِي تياري ڪري رهيا هئا.
گرفتار شڪي ماڻهن مان هڪ بم ۾ استعمال ڪرڻ لاءِ هڪ ڪلو گرام ڪيلين خريد ڪيو هو.
ڳجهي سروس ايف ايس بي پاران نگراني جِي وڊيو ۾ انهن ماڻهن کي گهر ويندي ڏيکاريو ويو آهي، جتي ڇاپو هڻي آءِ اِي ڊي، ڪيميائي مواد ۽ تباهي پکيڙيندي مواد قبضي ۾ ورتو ويو.
واضح رهي ته ان کان پهريان روس جَي گاديءَ واري شهر ماسڪو ۾ دهشتگردي ڪندڙ جوابدارن جو تعلق تاجڪستان سان ٻڌايو ويو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.