گرفتار دهشتگردن جا ماسڪو حملن بابت ڇرڪائيندڙ انڪشاف

ماسڪو ( ويب ڊيسڪ ) روس جَي گاديءَ واري شهر ماسڪو جَي ڪراڪس سٽي هال تي حملو ڪندڙ گرفتار دهشتگردن کان پڇاڳاڇا جو عمل جاري آهي.
پرڏيهي خابرو اداري موجب روسي ٽيم جِي جاچ دوران سٽي هال تي حملو ڪندڙ دهشتگردن اهم انڪشاف ڪيا آهن.
روسي جاچ ٽيم موجب حملي کانپوءِ جوابدار روس-يوڪرين سرحد طرف فرار ٿيا هئا.
جاچ ٽيم چيو ته جوابدارن سان يوڪرين پهچڻ تي انعام ڏيڻ جو واعدو ڪيو ويو هو، کين هدايت ڏني وئي هئي ته حملو ڪري روس-يوڪرين سرحد طرف وڃو.
واضح رهي ته ماسڪو جَي ڪراڪس سٽي هال تي دهشتگردن جَي حملي جَي نتيجي ۾ 140 کان مٿي ماڻهو شهيد ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا هئا…..

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.