آمريڪا امداد نه ڏني ته يوڪرائني فوج کي پوئتي هٽڻو پوندو: زيلنسڪي

ماسڪو ( ويب ڊيسڪ ) روس خلاف ڪاميابي ماڻڻ جَي خواهشمند يوڪرائني صدر زيلنسڪي کي جنگ ۾ شڪست نظر اچڻ لڳي آهي، سندس چوڻ آهي ته آمريڪا امداد نه ڏني ته يوڪريني فوج کي پوئتي هٽڻو پوندو.
زيلنسڪي آمريڪي اخبار کي انٽرويو ڏيندي چيو ته جيڪڏهن آمريڪا سهڪار نه ڪيو ته اِن جو مطلب اِهو هوندو ته يوڪرين بچاءَ کان محروم رهجي ويندو.
هن چيو ته يوڪرين وٽ پيٽرائيٽ ميزائل نه هوندا، اليڪٽرانڪ جامنگ جو سامان نه هوندو، 155 ملي ميٽر آرٽيلري گولا نه هوندا.
سندس چوڻ هو ته ان صورتحال ۾ يوڪريني فوج واپس موٽي ايندو، يوڪرين وٽ دفاعي نظام ناهي ۽ ان وٽ ميزائلن جِي به سخت کوٽ آهي.
يوڪريني صدر چيو ته يوڪريني فوج پوئتي هٽڻ کان بچڻ جو دڳ ڳولي رهي آهي، محاذ تي صورتحال مضبوط رهي ته اُن صورت ۾ يوڪرين دفاع لاءِ نئين برگيڊز کي تيار ڪري سگهي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.