ملير کي پيپلز پارٽي ٺاهيو آهي، شهرين کي سهولتون ڏينداسين: مرتضيٰ وهاب

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) ميئر ڪراچي ملير ۾ اسپورٽس گرائونڊ، پبلڪ پارڪس سميت مختلف رٿائن جو افتتاح ڪري ڇڏيو. سندس چوڻ هو ته هڪ ڏينهن ۾ 4 پارڪس، 3 اسپورٽس گرائونڊز، لائبريري ۽ روڊ جي پيڙهه جو پٿر رکيو آهي، ملير جا نوجوان راندين جي سرگرمين ۾ حصو وٺن، نوجوان قومي ۽ عالمي سطح تي پنهنجو ۽ پنهنجي ضلعي جو نالو روشن ڪن
رٿائن جي افتتاح جي موقعي تي ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب جو چوڻ هو ته بلديه عظميٰ ڪراچي پاران ماضي ۾ هن علائقي تي ڌيان نه ڏنو ويو هو، ڪراچي جي انهن علائقن تي ڌيان ڏينداسين جتي ماضي ۾ ڪم نه ٿيندو هو.
مرتضيٰ وهاب چيو ته نيبرهوڊ امپروومينٽ پراجيڪٽ تحت ترقياتي رٿائون مڪمل ڪيون، ملير ضلعو سدائين پيپلز پارٽي جو ڳڙهه رهيو آهي، ملير کي جيڪڏهن ڪنهن ٺاهيو آهي ته پيپلز پارٽي ٺاهيو آهي
سندس چوڻ هو ته اسان کي ووٽ عوام جي وچ ۾ رهڻ جي ڪري ملندا آهن، ملير جي سمورين ترقياتي رٿائن کي مڪمل ڪري شهرين کي سهولتون ڏينداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.