پاڪ- چين دوستي وڌيڪ مضبوط ٿي رهي آهي: وزيراعظم

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ چين جي دوستي وڌيڪ مضبوط ٿي رهي آهي، دشمن نه پيا چاهين ته پاڪستان ۽ چين جي دوستي مضبوط ٿئي، دهشتگردي جي خاتمي تائين سڪون سان نه وينداسين.
وفاقي ڪابينا اجلاس ۾ ڳالهائيندي شهباز شريف چيو ته 26 مارچ تي بشام ۾ افسوس جوڳو واقعو پيش آيو، چيني انجينيئرز جي مارجڻ تي افسوس جو اظهار ڪرڻ لاءِ چيني سفارتخاني پهتس، بشام حملي ۾ ملوث عنصرن کي سخت سزا ملندي، جاچ ۾ اڳڀرائي ٿي آهي معاملا سامهون آندا پيا وڃن.
هن چيو ته انڪوائري ڪميٽي کي ٽن ڏينهن ۾ رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.
سندس چوڻ هو ته دنيا جو ڪو به نظام احتساب کانسواءِ نٿو هلي سگھي، پنجن سالن جو منصوبو ڪابينا ميمبرز سان شيئر ڪيو آهي، ڪابينا کي وقت ضايع ڪرڻ کانسواءِ ڪم شروع ڪرڻو آهي.
وزيراعظم چيو ته مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ حڪمت عملي تيار ڪرڻي پوندي، انساني وسيلن جي کوٽ آهي ته بهترين يونيورسٽيز مان قابل ماڻهو هاير ڪيا وڃن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.