پيٽروليم شين جي اگهن ۾ وڏي واڌ جو امڪان

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) حڪومت طرفان پهرين اپريل کان پيٽرول جي اگهن ۾ 9 رپيا 94 پيسا في ليٽر واڌ ڪرڻ جو امڪان آهي.
هاءِ اسپيڊ ڊيزل جا اگهه هڪ رپيو 30 پيسا گهٽجڻ جو امڪان آهي، ڇو ته عالمي منڊي ۾ ان جي طلب گهٽ آهي.
ذريعن موجب تيل اگهن ۾ پهرين اپريل کان 15 اپريل تائين واڌ ڪ ئي ويندي.
پيٽرول 279 رپيا 75 پيسن مان وڌائي 289 رپيا 69 پيسا ٿيڻ جو امڪان آهي.
هاءِ اسپيڊ ڊيزل جو اگهه 285 رپيا 49 پيسن مان گهٽجي 284 رپيا 26 پيسا ٿي سگهي ٿو.
لائيٽ ڊيزل جي اگهن ۾ ڏهائي 45 پيسا واڌ ٿيڻ سان اگهه 168 رپيا 63 پيسا ٿي سگهي ٿو، جڏهن ته ڪيروسين جو اگهه 188 رپيا 49پيسن مان وڌائي 188 رپيا 66 پيسا ٿي سگهي ٿو.
ياد رهي ته حڪومت هن وقت پيٽرول ۽ ڊيزل جي هر ليٽر تي 60 رپيا ليوي وٺي رهي آهي .

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.