بيروزگارن لاءِ اهم خبر، سعودي عرب نوڪرين جو اعلان ڪري ڇڏيو

رياض ( ويب ڊيسڪ ) سعودي عرب حج 2024ع کان اڳ ڪيئي ملازمتن جو اعلان ڪري ڇڏيو.
پرڏيهي خابرو اداري موجب، حج سيزن 2024ع کي نظر ۾ رکندي سعودي عرب ۾ انيڪ نوڪرين اعلان ڪيو ويو آهي، جنهن جو مقصد حج جي آمد جو انتظام ڪرڻ آهي.
سعودي عرب جي حج ۽ عمري بابت وزارت طرفان اثرائتي انتظام ۾ مدد لاءِ عارضي عهدن تي ڀرتي مهم شروع ڪئي آهي ۽ دلچسپي رکندڙ ماڻهن کان وزارت جي سرڪاري پورٽل ذريعي درخواستون طلب ڪيون ويون آهن.
اعلانيل نوڪريون بنيادي طور مڪي ۽ مديني سان گڏوگڏ جدي ۾ آهن جڏهن ته سپروائزرز ۽ ڪسٽمر سروس جي نمائدن کان وٺي ميڪنيڪل ٽيڪنيشنز ، انجينئرن ۽ ڊرائيور تائين مختلف ملازمتون دستياب آهن.
درخواست گذار لاءِ ضروري آهي ته هو گهٽ ۾ گهٽ هاءِ اسڪول ڊپلوما رکندڙ ۽ ضروري جسماني ۽ طبي گهرجن تي پورو لهندڙ هجي.
ان کانسواءِ اميدوارن کي انٽرويو واري مرحلي مان به گذرڻو پوندو جڏهن ته عمر جي حد 22 کان 45 سال تائين مقرر ڪئي وئي آهي.
حج ۽ عمري بابت ڪم ۾ تجربو رکندڙ ۽ حج پانڌيئڙن جي زبان ڄاڻيندڙ جهڙوڪ ازبڪ، فارسي، چيني، ملائي ۾ مهارت رکندڙن اميدوارن کي ترجيح ڏني ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.