پي ٽي آءِ قومي اسيمبليءَ ۾ ججن جي خط تي بحث لاءِ رٿ جمع ڪرائي ڇڏي

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان تحريڪ انصاف طرفان قومي اسيمبليءَ ۾ججن جي خط تي بحث لاءِ التوا جي رٿ جمع ڪرائي وئي آهي.
التوا واري رٿ جي متن موجب، قومي اجلاس ۾ معمول جي ڪارروائي روڪ تي ججن خط تي بحث ڪيو ويندو.
متن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته سپريم جڊيشل ڪائونسل کي لکيل خط ۾ عدليا جي معاملن ۾ مداخلت جو ذڪر آهي، آزاد عدليا آئين جي بالادستي لاءِ ضروري آهي.
رٿ موجب، پي ٽي آءِ باني عمران خان عدليا جي معاملن ۾ مداخلت سبب جيل ۾ آهي انڪري ايوان معاملي جي شفاف جڊيشل انڪوائري يقيني بڻائي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.