عائشا عمر شادي لاءِ سرجري ڪرائي ڇڏي

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي مشهور اداڪارا عائشا عمر شادي جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي جنهن لاءِ هن سرجري به ڪرائي آهي.

عائشاعمر هڪ انٽرويو ۾ ٻڌايو آهي ته ڪالربون جي پيچيده سرجري ڪرائي آهي جيڪا 8 سال اڳ هڪ حادثي ۾ ٽٽي پئي هئي. سرجري کان اڳ عائشا عمر رمضان ٽرانسميشن ۾ شرڪت ڪئي جيڪو هاڻي نشر ٿيو آهي.

انٽرويو ۾ اداڪارا  پنهنجي خوفناڪ حادثي جا تفصيل ٻڌايا آهن ته سندس گاڏي سان اهڙو حادثو ڪيئن پيش آيو، ان وقت هوءَ هڪ شوٽنگ لاءِ ڪراچي کان حيدرآباد وڃي رهي هئي. هن سان گڏ اظفر رحمٰن به هو. هن ٻڌايو ته ان ڏينهن سندس ڊرائيور موڪل تي هو ان لاءِ اظفر جي ڊرائيور سان گڏ پيا وڃن جيڪو هاءِ وي تي تيز گاڏي هلائي رهيو هو. هوءَ پوئين سيٽ تي ويٺل هئي ۽ اها سندس غلطي هئي ته سيٽ بيلٽ نه لڳائي هئي . گاڏي خراب روڊ تي اوچتو اچي وئي ۽ ٻي ٽريڪ تي هڪ گاڏي بنا انڊيڪيٽر جي سامهون اچي وئي جنهن سان سندن گاڏي ٽڪر کاڌو. ان جي نتيجي ۾ اداڪارا جي ڪالر بون ٽٽي پئي ۽ کيس 5 فريڪچر لڳا.

ان وقت کيس ٻن ڊاڪٽرن صلاح ڏينهن هڪ ته سرجري ڪرائي ٻئي چيو ته پاڻ ئي جڙي ويندي جڏهن ته اڄ تائين نه جُڙي سگهي آهي ۽ هاڻي 8 سالن کانپوءِ ان هڏي جي حالت ويتر خراب ٿي وئي آهي.

اداڪارا انٽرويو ۾ ٻڌايو ته هن شادي جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي ان لاءِ سرجري ڪرائي رهي آهي ته جيئن شادي کانپوءِ پنهنجي ٻارن کي ڪڇ ۾کڻي سگهي.هن چيو ته وڏي مشڪل سان هاڻي هوءَ ڏيڍ کان ٻه ڪلو وزن کڻي سگهي ٿي پر کيس اميد آهي ته سرجري ٿيڻ کانپوءِ هوءَ صحتياب ٿي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.