بابر اعظم نيوزيلينڊ خلاف سيريز ۾ ڪپتان هوندو

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي نئين اتنظاميا طرفان ڪپتان تبديليءَ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
ذريعن موجب، پي سي بي چيئرمين محسن نقوي ڪپتان وارو معاملو سليڪشن ڪميٽي کي سونپيو هو جنهن تي سليڪشن ڪميٽي متفقه طور تي بورڊ کي آگاهه ڪيو جنهن ۾ بابر اعظم کي ڪپتاني ڏيڻ جي تجويز ڏني وئي هئي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پي سي بي بابر اعظم کي هڪ ڀيرو وري ٽي ٽوئنٽي ٽيم جو ڪپتان بڻائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي ۽ بورڊ ڪجهه ڪلاڪن ۾ ان جو باظابطا اعلان ڪندو.
ذريعن موجب، بابر اعظم عمري جي ادائيگي کانپوءِ ڪاڪول اڪيڊمي ۾ جاري ٽريننگ سيشن کي ڪپتان طور جوائن ڪندو.
ٻئي پاسي شاهين آفريديءَ جي ويجهن ذريعن جو چوڻ آهي ته شاهين ڪپتاني تان هٿ کڻڻ جو فيصلو ڪري ورتو هو سندس ويجهن رشتيدارن کيس صلاح ڏني آهي ته ڪپتاني جو فيصلو بورڊ جو آهي تنهنڪري بورڊ جنهن کي ڪپتان بڻائي ان فيصلي کي قبول ڪري ۽ فوري طور قيادت تان هٿ نه کڻي.
ذريعن موجب، بابر اعظم نيوزيلينڊ خلاف پنج ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز ۾ ٽيم جي قيادت سنڀاليندو.
ياد رهي ته بابر اعظم جي قيادت ۾ پاڪستان 71 ٽي ٽوئنٽي ميچن مان 42 کٽيون ۽ 23 هارايون آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.