پي ٽي آءِ ڪور ڪميٽي اجلاس، لطيف کوسا سميت وڪيلن جي ڪارڪردگيءَ خدشن جو اظهار

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) تحريڪ انصاف جي ڪور ڪميٽي جي اجلاس ۾ وڪيلن جي ڪارڪردگي تي خدشن جو اظهار ڪيو ويو آهي.
ذريعن موجب، گذريل ڏينهن پي ٽي آءِ جي ڪور ڪميٽي اجلاس ۾ ڪور ڪميٽي جي ميمبرن لطيف کوسا جي پي ٽي آءِ باني عمران خان جي ڪيسن ۾ پيش نه ٿيڻ تي خدشن جو اظهار ڪيو .
ذريعن موجب، اجلاس ۾ لطيف کوسا موقف اختيار ڪيو ته قانوني معاملن تي هدايتون وٺڻ لاءِ اڊيلا ويو هئس، سندس موقف تي ڪميٽي ميمبرن چيو ته اوهان جو موقف تسلي بخش ۽ اوهان جي قد جي مطابق ناهي، ڪيس ۾ پيش ٿيڻ بدران اڊيالا وڃڻو هو ته درخواست لکي وڃو ها.
ذريعن جو چوڻ آهي پي ٽي آءِ ڪور ڪميٽي ميمبر لطيف کوسا جي جواب مان مطمئن نه ٿيا، ڪميٽي وڪيلن ۽ ليگل ٽيمن کي مڪمل تياريءَ سان عدالتن ۾ پيش ٿيڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.