شيائومي ڪمپني پهرين اليڪٽرڪ ڪار متعارف ڪري ڇڏي

چيني ٽيڪنالوجي جي وڏي ڪمپني ”شيائومي“ بيجگ ۾ پنهنجي اليڪٽرڪ ڪار متعارف ڪرائي آهي ۽ دنيا جي وڏي بازار  ۾ شامل ٿي وئي آهي.

پرڏيهي خابرو اداري موجب اليڪٽرڪ گاڏين(اي وي) جو سيڪٽر تيزيءَ سان پکڙجي ٿو، درجنين مقامي آٽو ساز ادارا انهن گاڏين جي اگهن جي جنگ ۾ شامل آهن.

شيائومي سستي سمارٽ فونز ۽ گهريلو اپلائنسز لاءِ سڃاتو ويندو آهي، ڪمپني جي چيف ايگزيڪيوٽو لي جن ٻڌايو ته هو هاڻي اي وي ”ايس يو 7“ سان گڏ چيني ڪار ڪمپني بي واءِ ڊي ۽ ايلون مسڪ کي چيلنج ڪرڻ لاءِ ان مارڪيٽ ۾ داخل ٿي رهيا آهن.

هن افتتاحي تقريب ۾ پريس ڪانفرنس دوران ٻڌايو ته ڪمپني ايس يو 7 جي بيسڪ ماڊل جو اگهه 2 لک 15 هزار 900 يو آن(29 هزار 868 ڊالر) هوندي، هن جو چوڻ هو ته 9 مختلف رنگن ۾ ايس يو 7 دستياب هوندي.

هن ٻڌايو ته ان ۾ ڪراوڪي ۽ هڪ مني فريج جي سهولت به موجود هوندي.

شيائومي دنيا جي ٽين سڀ کان وڏي سمارٽ فون ٺاهڻ واري ڪمپني آهي جڏهن ته ان شعبي ۾ سندن تجربو اي وي جي رٿابندي ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.