پاڪستان ۾ مردن جي ڀيٽ ۾ عورت وڪيلن جو انگ ڪيترو؟ تفصيل سامهون اچي ويا

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ۾ مرد وڪيلن جي ڀيٽ ۾ عورت وڪيلن جو انگ گهٽ هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.
لا اينڊ جسٽس ڪميشن جي رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته سموري ملڪ جي بار ڪائونسلز ۾ رجسٽرڊ وڪيلن جو انگ ٻه لک ٽيهه هزار اٺ سئو اڻاسي آهي جنهن ۾ رجسٽرڊ مرد وڪيل هڪ لک اٺانوي هزار هڪ سئو جڏهن ته عورت وڪيلن جو انگ ٽيهه هزار کان وڌيڪ آهي.
رپورٽ موجب، پاڪستان جي بار ڪائونسلز ۾ 17 سيڪڙو عورت وڪيلن جي نمائندگي آهي.
رپورٽ موجب، سموري ملڪ جي پراسيڪيوشن ڊپارٽمينٽس ۾ پراسڪيوٽرز جو ڪُل انگ ٻه هزار ٻه سئو ڏهه جن هڪ هزار اٺ سئو اڻهٺ مرد جڏهن ته ٽي سئو ايڪتاليهه عورتون آهن.
پراسڪيوشن دپارٽمينٽ ۾ عورت پراسيڪيوٽرز جو انگ پندرنهن سڪيڙو آهي.
ڪميشن رپورٽ موجب، عورتن جو ريڇو سندن آبادي جي لحاظ کان گهٽ آهي، ڪميشن سموري ملڪ جي عدليا ۾ وڌيڪ عورتن جي مقرريءَ جي تجويز ڏني آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.