مان ۽ شاهه رخ هن نسل جا آخري اسٽار آهيون: ڪنگنا رناوت

ممبئي(ويب ڊيسڪ) پنهنجي سخت بيانن ۽ تنقيد سبب خبرن جي زينت بڻيل بالي ووڊ جي مشهور اداڪارا ڪنگنا رناوت جو چوڻ آهي ته هوءَ ۽ شاهه رخ خان اسٽارز جو آخري نسل آهن.

ڀارتي ميڊيا موجب هڪ تقريب ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي اداڪارا پنهنجي ايندڙ فلم ”ايمرجنسي“ بابت ڳالهه ٻولهه ڪري رهي هئي ته هن ٻڌايو ته ڪنهن به اداڪار جي ڪيريئر ۾ رڳو هٽ فلمون ناهن هونديون، شاهه رخ خان جون فلمون 10 سالن تائين نه هليون ۽ پوءِ پٺان هٽ ٿي وئي.

هن چيو ته سندس فلمون ست اٺ سال نه هليون پوءِ ”ڪوئين“ هٽ ٿي وئي جڏهن ته بعد ۾ ڪجهه ٻيون فلمون به هليون ۽ سٺيون فلمون مليون، پوءِ ٽن چار سالن کانپوءِ فلم ”ماني ڪارنيڪا“ به وڏي پردي تي ڪم ڏيکاريو.

هن ڳالهه جاري رکندي چيو ته هاڻي فلم ”ايمرجنسي“ پئي اچي ۽ شايد هٽ ٿي وڃي.

ڪنگنا وڌيڪ ٻڌايو ته هوءَ ۽ شاهه رخ خان هن نسل جا آخري اسٽار آهن ، او ٽي ٽي (اوور دي ٽاپ ميڊيا سروس) اسٽار ناهن، مشهور چهرا آهن ۽ خدا جي فضل سان ڊيمانڊ به وڏي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.