ايڪس تي سبسڪرپشن پروگرام مفت ڪرڻ جو اعلان!

ايلون مسڪ سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس (ٽوئيٽر جو نئون نالو) جي سبسڪرپشن پروگرام بابت نين تبديلين جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.انهن تبديلين سان مخصوص اڪائونٽس مهيني جي في ادا ڪرڻ کانسواءِ ئي پريميم فيچر کي مفت استعمال ڪري سگهندا ۽ امڪاني طور تي بليو ٽڪ استعمال ڪرڻ  جو به کين موقعو ملندو.

ايڪس تي پوسٽ ڪندي ايلون مسڪ ٻڌايو ته سمورن ايڪس اڪائونٽس کي پريميم فيچرز تائين مفت پهچ هوندي جن کي اڍائي هزار کان وڌيڪ ماڻهو فالو ڪندا هوندا. اهڙيءَ طرح پنج هزار ويريفائڊ فالوورز وارن کي پريميم پلس جي فيچرز تائين مفت پهچ ڏني ويندي.

واضح رهي ته ايڪس پريميم جي سبسڪرپشن جي فيس هر مهيني لاءِ 2250 رپيا هئي جنهن ۾ واهپيدارن کي مختلف خصوصي فيچر جهڙوڪ ايڊٽ پوسٽس، ڊگهيون پوسٽس ۽ وڊيوز، ان ڊو (undo) پوسٽنگ، بيڪ گرائونڊ وڊيو پلي بيڪ، وڊيو ڊائولوڊ ۽ ٻين شين تائين پهچ هوندي آهي. انهن کي اشتهار به پنجاهه سيڪڙو گهٽ ڏيکاريا ويندا آهن، اڪائونٽ تي بليو ٽڪ هوندو آهي جڏهن ته پنهنجي پوسٽ سان پيسا به ڪمائي سگهندا آهن. پريميم پلس جي واهپيدارن کي اشتهار بلڪل به ناهن ڏيکاريا ويندا جڏهن ته کيس آرٽي فيشل انٽيليجنس (اي آءِ) چيٽ بوٽ grok تائين پهچ به حاصل هوندي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.