پنجاب پوليس جا ٻه سئو کان وڌيڪ آفيسر ۽ اهلڪار منشيات فروشن جا سهولتڪار بڻيل: رپورٽ

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پنجاب ۾ ٻه سئو کان وڌيڪ پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن جي منشيات فروشن جي سهولتڪار هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.
پنجاب پوليس جي سرويلنس برانچ جي تيار ڪيل رپورٽ اعلي اختيارين کي موڪلي وئي آهي.
رپورٽ ۾ لاهور سميت صوبي جي ڏهن ضلعن جا 234 پوليس آفيسر ۽ اهلڪارن جا نالا شامل آهن.
رپورٽ موجب، لاهور جا ٽي پوليس اهلڪار منشيات فورشن جا سهولتڪار آهن ۽ 35 ڪيس داخل آهن.
رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته فيصل آباد جا 62 پوليس ملازم منشيات فروشي جي سهولتڪاري ۾ ملوث آهن ۽ منشيات فروشي ۾ ملوث اهلڪار سب انسپڪٽر طور مختلف ٿاڻن ۾ مقرر آهن.
رپورٽ موجب، مختلف ٿاڻن جا اي ايس آءِ، ڪانسٽيبل ۽ ڊرائيور به منشيات فروشي ۾ ملوث آهن، منشيات فروشن جي سهولتڪار ۾ ملوث صرف ٻه اهلڪار جيل ۾ آهن.
اختيارين جو چوڻ آهي ته اهلڪارن سان لاڳاپيل منشيات فورش گروهن جا تفصيل به رپورٽ شامل ڪيا ويا آهن جڏهن ته چرس، هيروئن، آئس ۽ ڪرسٽل پائوڊر جهڙي نشي جا تفصيل به رپورٽ جو حصو آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.