گوگل جي نقشن واري ايپ ۾ نون فيچرن جو واڌارو

گوگل واهپيدارن جي سولائي لاءِ گوگل ميپس ۾ ريڪمنڊيشنز لسٽس جو آپشن شامل ڪيو آهي جنهن ۾ اهم هنڌن ۽ ڪميونٽي بابت ڄاڻ شامل هوندي.

شروعاتي دور ۾ اهو فيچر آمريڪا ۽ ڪينيڊا جي مخصوص شهرن ۾ متعارف ڪيو ويو آهي جڏهن ته گوگل موجب جڏهن انهن ميپس تي سرچ ڪرڻ سان اهم هنڌن جون لسٽس سامهون اچي وينديون.

گوگل ميپس ۾ ٽرينڊنگ لسٽس کي به هفتيوار بنيادن تي اپ ڊيٽ ڪيو ويندو ۽ ماڻهن سامهون انهن هنڌن کي اوليت ڏني ويندي جيڪي کين پسند هوندا آهن.

گوگل ميپس ۾ آرٽي فيشل انٽيليجنس (اي آءِ) ٽيڪنالوجي سهولت سان نئون فيچر متعارف ڪرايو پيو وڃي.

ان فيچر جي مدد سان ميپس ۾ ڪنهن هوٽل کي سرچ ڪندي جڏهن اتان ملندڙ کاڌن جي تصوير کي اسڪرول ڪبو ته اي آءِ پاران کاڌن جا نالا ۽ انهن جي اگهن بابت ڄاڻ به ملي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.