آمريڪي صدر جو وزيراعظم کي خط، نئين چونڊيل حڪومت لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) آمريڪي صدر جو بائيڊن طرفان وزيرِاعظم شهباز شريف کي خط لکي نئين چونڊيل حڪومت لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي.
آمريڪي صدر پنهنجي خط ۾ نئين چونڊيل حڪومت لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي چيو ته ٻنهي ملڪن جي عوام وچ ۾ ڀائيواري دنيا ۽ اسان جي عوام جي سلامتي يقيني بڻائڻ ۾ اهم آهي.
آمريڪي صدر موجب، دنيا ۽ خطي کي پيش وقت جي اهم ترين چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ آمريڪا پاڪستان سان گڏ بيٺو رهندو ۽ صحت جي تحفظ، معاشي ترقي ۽ تعليم سڀ لاءِ جهڙن گڏيل ويجن تي سهڪار جاري رهندو.
آمريڪي صدر خط ۾ چيو ته آمريڪا ۽ پاڪستان گرين الائنس فريم ورڪ سان ماحولياتي بهتري لاءِ اسان پنهنجي اتحاد کي وڌيڪ مضبوط ڪنداسين، پائيدار زرعي ترقي، آبي انتظام، 2022ع واري ٻوڏ جي اثرن مان نڪرڻ ۽ بحالي ۾ پاڪستان جي مدد جاري رکنداسين.
جو بائيڊن وڌيڪ چيو ته پاڪستان سان گڏجي انساني حقن جي تحفظ، ترقي کي هٿي ڏيڻ لاءِ پُرعزم آهيون، ٻنهي ملڪن جي عوام وچ ۾ ويجهي رشتي کي وڌيڪ مضبوط بڻايو ويندو.
ياد رهي ته ڊگهي عرصي کانپوءِ ڪنهن به آمريڪي صدر جو پاڪستاني وزيراعظم کي پهريون سفارتي خط آهي ۽ اِهو خط پاڪستان ۽ آمريڪا جي سفارتي لاڳاپن جي بحالي ڏانهن اشارو آهي.
سائفر معاملي ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي الزامن سبب ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا متاثر ٿيا هئا، وزيراعظم شهباز شريف جي اچڻ کانپوءِ آمريڪا سان لاڳاپن جي بحالي ۽ بهتري ڏسڻ ۾ آئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.