لنڪڊ ان به ٽڪ ٽاڪ وانگر بڻجڻ لاءِ تيار!

ٽڪ ٽاڪ جي ننڌڙين وڊيوز سڄي سوشل ميڊيا ايپس کي تبديل ٿيڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي.

هاڻي مائيڪروسافٽ جي ملڪيت هيٺ هلندڙ سوشل ميڊيا پليٽ فارم لنڪڊ ان به ٽڪ ٽاڪ جيان بڻجڻ لاءِ تيار آهي.

لنڪڊان پاران تصديق ڪئي وئي آهي ته سوشل ميڊيا پليٽ فارم ۾ ٽڪ ٽاڪ جهڙين وڊيوز جي فيڊ تي تجربا جاري آهن. اهڙي تبديلي بابت پهريون ڀيرو هڪ واهپيدار آسٽن نل ٻڌايو هو جڏهن ته هاڻي ڪمپني به تصديق ڪري ڇڏي آهي.

آسٽن ٻڌايو ته ان مقصد لاءِ ايپ جي نيويگيشن بار ۾ هڪ وڊيو ٽيب به ڏنل هوندي، ان تي ڪلڪ ڪرڻ تي واهپيدار مختصر وڊيوز ڏسي سگهندا ۽ ٽڪ ٽاڪ جهڙو تجربو حاصل ڪندا.

واهپيدار انهن وڊيوز کي لائيڪ ۽ شيئر ڪري سگهندا ۽ ڪمنٽس جو آپشن به ڏنل هوندو. جڏهن ته ٽڪ ٽاڪ يا ٻين ايپس جي ڀيٽ ۾ لنڪڊ ان جي مختصر وڊيوز ۾ ڪيريئر پروفيشنلزم جي مواد کي ترجيح ڏني ويندي.

واضح رهي ته لنڪڊان ۾ وڊيوز پوسٽ ڪرڻ جو عمل پهريون به ممڪن هو پر ان لاءِ فيڊ رکڻ وارو آپشن واهپيدارن جي انگيج مينٽ وڌائڻ لاءِ شامل ڪيو ويو آهي.

لنڪڊ ان ۾ مختصر وڊيوز ٺاهڻ وارن لاءِ مستقبل ۾ پيسا ڪمائڻ جو موقعو به ملي سگهي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.