اديتي رائو ٻي شادي جي ترديد ڪري ڇڏي

ممبئي(ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي مشهوراداڪارا اديتي رائو حيدريءَ اداڪار سڌارٿ سان شادي جي خبرن جي ترديد ڪندي منڱڻي جي تصوير شيئر ڪئي آهي.

گذريل سال ڀارتي ميڊيا پاران اها خبر سامهون آئي هئي ته اديتي رائو حيدري ۽ سڌارٿ 26 مارچ تي تلنگانا جي رنگناٿ سوامي مندر ۾ پنهنجي ويجهن مٽن مائٽن جي موجودگي ۾ شادي ڪري ڇڏي آهي.

 

View this post on Instagram

 

A post shared by Aditi Rao Hydari (@aditiraohydari)

ڀارتي ميڊيا موجب سڌارٿ ۽ اديتي رائو حيدري جي شادي جي ڪا به تصوير سامهون نه آئي پر اهو جوڙو جلد شادي جو اعلان ڪندو.

شادي جي خبرن بعد اديتي رائو حيدري پنهنجي آفيشل انسٽاگرام اڪائونٽ تان اداڪار سڌارٿ سان پنهنجي تصوير پوسٽ ڪئي جنهن ۾ ٻنهي اداڪارن کي منڱڻي جون منڊيون پاتل آهن.

اداڪارا اديتي سوشل ميڊيا ذريعي تصديق ڪئي آهي ته اداڪار سڌارٿ سان هن منڱڻي ڪري ڇڏي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.