سر سيد يونيورسٽي جي انتظام هيٺ تربيتي ورڪشاپ

ڪراچي (پ ر) سر سيد يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي جي بائيو ميڊيڪل انجنيئرنگ شعبي جي استادن کي جديد تعليم جي حوالي سان تربيت ڏيڻ لاءِ ورڪشاپ ڪرايو ويو. ورڪشاپ جو ٽرينر آئرلينڊ جي ڊبلن سٽي يونيورسٽي جو اسسٽنٽ پروفيسر ڊاڪٽر انعام الاحد هو.

ورڪشاپ کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر انعام الاحد چيو ته سڀ کان اڳ اهو سوچيو ته اوهان پنهنجي شاگردن کي ڇا پڙهائيڻ چاهيو ٿا. ڊجيٽل ٽيڪنالاجي جي استعمال جي پائيداري حاصل ڪري سگهجي ٿي، ٽيڪنالاجيز هڪ ڊجيٽل منتقلي جو سبب بڻجي رهيون آهن، اهڙين تبديلين ۾ آن لائن ڪلاسز يا آن لائن ورڪنگ متعارف ٿي چڪو آهي. جديد ٽيڪنالاجي مان فائدو وٺڻ لاءِ ضروري آهي ته تدريس ۽ سکڻ جي عمل ۽ طريقن کي ڊجيٽل ٽيڪنيڪ جي اوزارن ۽ سروسز سان ڄاتو وڃي.

ان موقعي تي سر سيد يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر ولي الدين چيو ته پهريان شاگردن کي سيکارڻ لاءِ ڪلاس روم ۾ وڃڻ لازمي هوندو هو، هاڻي آن لائن ۽ ورچوئل تعليم اڄوڪي دور ۾ اچي ويئ آهي. تعليمي نظام کي گهرجن پٽاندڙ بڻائڻ لاءِ ضروري آهي ته پروفيشنل تعليم سان گڏوگڏ شخصيت سازي به ٿي سگهي جيئن عالمي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي صلاحيت هجي.

ڊين فيڪلتي آف اليڪٽريڪل اينڊ ڪمپيوٽر انجنيئرنگ پروفيسر ڊاڪٽر محمد عامر چيو ته ورڪشاپ وقت سر ڪيو ويو آهي ۽ اسان بهتري ڏانهن وڃي رهيا اهيون، ڪوششون جاري رکڻ چاهيون ٿا.

بائيوميڊيڪل انجنيئرنگ جي سربراهه ڊاڪٽر سدره عابد سيد چيو ته نتيجن تي ٻڌل تعليم هڪ اهڙو تعليمي مادل آهي جنهن ۾ نصاب سان گڏوگڏ شخصيت سازي تي به ڌيان ڏنو ويندو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.