پاڪستان ٽيم جا ٻه پرڏيهي ڪوچ ڪير هوندا؟ معاملا آخري مرحلي ۾ داخل

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ٽيسٽ، ون ڊي ۽ ٽي ٽوئنٽي لاءِ الڳ الڳ ڪوچ مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
ذريعن موجب، پرڏيهي ڪوچن جي مقرريءَ بابت معاملا حتمي مرحلي ۾ داخل ٿي ويا آهن، اڳوڻي ڏکڻ آفريڪي ڪرڪيٽر گيري ڪرسٽن ۽ اڳوڻي آسٽريلوي فاسٽ بالر جيسن گليسپي سان تقريبن معاملا طئي ٿي چڪا آهن.
ذريعن جو چوڻ آهي ته گيري ڪرسٽن کي وائيٽ بال ۽ جيسن گليسپي کي ريڊ بال ڪرڪيٽ جي ڪوچنگ ملي سگهي ٿي، ٻنهي ڪوچن سان مختلف معاملن تي ڳالهه ٻول جاري آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته گيري ڪرسٽن جي مصروفيتن دوران جيسن گليسپي ذميواريون نڀائي سگهي ٿو، گيري ڪرسٽن سان سندس مستقبل جي ڪميٽمينٽ واري معاملي تي ڳالهيون ڪيون ويون.
ذريعن موجب، پرڏيهي ڪوچن سان ٻئي سپورٽ اسٽاف بابت به ڳالهه ٻول جاري آهي جڏهن ته ڪوچن سان گڏ ٻين پرڏيهي ڪوچن سان به ڳالهيون هلندڙ آهن.
ان کانسواءِ گذريل ڏينهن اجلاس ۾ ڪپتان ۽ ڪوچن وارو معاملو بحث هيٺ آيو.
ذريعن موجب، ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ ان حوالي سان فيصلي جو امڪان آهي جنهن کانپوءِ باظابطا طور نالن جو اعلان ڪوي ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.