داسو ۽ تربيلا ڊيم کانپوءِ چيني ڪمپينن ديامر ڀاشا ڊيم تي به ڪم روڪي ڇڏيو

پشاور ( ويب ڊيسڪ ) داسو ۽ تربيلا ڊيم کانپوءِ چيني ڪمپنين ديامر ڀاشا ڊيم تي سول ورڪ معطل ڪري ڇڏيو جڏهن ته چيني شهري اڃا تائين خيبرپختونخوا ۾ مهمند ڊيم تي ڪم ڪري رهيا آهن،
ديامر ڀاشا ڊيم تي اٽڪل 500 سئو چيني شهري ڊيم جي اڏاوت ۾ مصروف آهن جڏهن ته مقامي عملي کي ايندڙ حڪم تائين گهرن ۾ رهڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.
اڱاري ڏينهن بشام واري علائقي قراقرم هاءِ وي تي چيني قافلي سان هڪ بارود سان ڀريل بس ٽڪرائجي وئي هئي جنهن جي نتيجي ۾ داسو ڊيم تي ڪم ڪندڙ پنج چيني انجينيئر مارجي ويا هئا.
رٿا تي ڪم ڪندڙ هڪ اهلڪار تصديق ڪئي ته چيني ڪمپني طرفان داسو ڊيم تي ڪم روڪيو ويو آهي ۽ مقامي عملي کي گهرن تائين محدود رهڻ جو چيو ويو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.