”ڳائڻ بدران هن کي هي ڪم ڪرڻ گهرجي“ اداڪارا ريشم جو چاهت علي خان کي اهم مشورو

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستاني اداڪارا ريشم چيو آهي ته ويجهڙائي ۾ پيش آيل واقعي کانپوءِ سندس نظر ۾ راحت فتح علي خان جي عزت وڌيڪ وڌي وئي آهي جڏهن ته مداحن به ساڻس عزت ۽ پيار سان پيش اچڻ گهرجي.
ريشم ويجهڙ ۾ هڪ نجي ٽي وي شو ۾ شرڪت ڪئي جنهن دوران ميزبان کيس مختلف شخصيتن جون تصويرون ڏيکاري ڪنهن به هڪ تصوير جي چونڊ ڪرڻ جو چيو.
ان دوران چاهت فتح علي خان جي تصوير ڏسي اداڪارا نامياري راڳي راحت فتح علي خان کي نه وساري سگهي ۽ چيو ته راحت فتح علي خان پاڪستان جو هڪ اهڙو نالو آهي جنهن سدائين ملڪ جي عزت وڌائي آهي.
هن چيو ته ويجهڙائي ۾ راحت فتح علي خان جي هڪ ڳالهه ڏاڍي سٺي لڳي، راحت کان ڪوتاهي ٿي هن الله جي بارگاهه ۾ معافي ورتي پوءِ ان شخص کان معافي گهري ۽ وري اسان سڀني سان معذرت ڪئي.
ريشم چيو ته ان واقعي کانپوءِ سندس نظر ۾ راحت فتح علي خان جي عزت ايتر وڌي وئي آهي جيڪا لفظن ۾ بيان نٿي ڪري سگهجي ڇو ته تمام گهٽ ماڻهو پنهنجي غلطي جو اعتراف ڪندا آهن هاڻ اسان کي گهرجي ته اسان راحت فتح علي خان کي پهريان کان وڌيڪ عزت ۽ پيار ڏيون.
شو دوران ريشم سوشل ميڊيا تي پنهنجي انوکي گلوڪاري سبب وائرل ٿيندڙ چاهت فتح علي خان کي صلاح ڏني ته هو ڳائڻ بدران پنهنجو نالو بدلائي ڇو ته راحت فتح علي خان هڪ وڏو نالو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.