اين اي 207: آصفه ڀٽو بنا مقابلي قومي اسيمبليءَ جي ميمبر چونڊجي وئي

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) صدر آصف علي زرداري ۽ اڳوڻي وزيراعظم بينظير ڀٽو جي نياڻي آصفه ڀٽو زرداري قومي اسميبلي جي تڪ اين اي 207 نواب شاهه تان بنا مقابلي ڪامياب ٿي وئي.
الڪيشن ڪميشن موجب، آصفه ڀٽو جي مقابلي ۾ يارنهن اميدوارن نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا هئا، اميدوارن پاران آصفه ڀٽو جي حمايت ۾ هٿ کڻڻ کانپوءِ پ پ اميدوار بنا مقابلي ڪامياب ٿي وئي آهي.
هاڻ اين اي 207 تي آصفه ڀٽو زرادري بنا مقابلي ڪامياب قرار ڏنو ويو آهي.
ياد رهي ته قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 207 نوابشاهه تان آصف زرداري ڪامياب ٿيو هو، پر صدر چونڊجڻ کانپوءِ سندس سيٽ خالي ٿي وئي هئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.