پاڪستان کي خوشحالي ڏانهن وٺي وڃڻ چاهيون ٿا: وزيراعظم

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) بشام واقعي سبب چين پاڪستان لاڳاپاپن کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، دشمن جي سمورين سازشن کي ناڪام بڻائڻ اسان جي گڏيل ذميواري آهي، گهرو وزير کي صوبن ۾ سيڪيورٽي جي حوالي سان جائزو وٺڻ جي هدايت ڪئي آهي، معيشت جي بهتري لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون ۽ ان سلسلي ۾ ڪنهن به قسم جو سياسي ۽ انتظامي دٻاءُ برداشت نه ڪنداسين.
اسمگلنگ جي خاتمي جي حوالي سان اجلاس ۾ ڳالهائيندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ملڪ ۾ جيڪي هن وقت نيون چونڊيل حڪومتون آهن اهي قائم ٿي چڪيون آهن، وفاق ۾ به اسان کي 24 ڏينهن ٿي ويا آهن، هن وقت اسان جي سموري مصروفيت ملڪ ۾ مختلف چئلينجز کي سمجهڻ ۽ تيزي سان اڪلائڻ آهي ته جيئن معيشت کي سنڀالي سگهون ۽ پاڪستان کي ترقي ۽ خوشحالي ڏانهن وٺي وڃي سگهون.
سندس چوڻ هو ته کنڊ افغانستان اسگمل ٿيندي آهي، اهڙي طريقي سان اربين رپين جي بجلي چوري ڪئي ويندي آهي، هن سال اوڳاڙين جو ڪاٿو 9 کرب آهي پر اهو به محتاط اندازو آهي، اهڙي ريت 2 هزار 700 ارب رپين جي اوڳاڙين بابت ڪيسز عدالتن ۾ هلندڙ آهن.
هن چيو ته بجلي چوري سبب ملڪ کي ساليانو 4 سئو کان 5 سئو ارب رپين جو نقصان ٿي رهيو آهي، پيٽروليم واري شعبي ۾ به گئس جي چوري سبب نقصان ٿي رهيو آهي، نگران حڪومت ۾ توانائي جي شعبي ۾ 58 ارب رپين جي چوري ريڪوري ڪئي وئي.
سندس چوڻ هو ته ملڪ مان سياسي افراتفري ۽ ورهاست جو خاتمو ڪرڻو آهي، اسان معيشت جي بهتري لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون، چئلينجز کي سمجهڻ ۽ انهن تي عمل ڪرڻو ته جيئن معيشت کي سنڀالي سگهجي.
وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ سياسي بي يقيني جو خاتمو ضروري آهي، وفاق، صوبن ۽ ادارن کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو.
شهباز شريف چيو ته نگران حڪومت ۾ اسمگلنگ جي خاتمي لاءِ جوڳا قدم کنيا ويا، آرمي چيف ۽ صوبن جي سهڪار سان اسمگلنگ جي روڪٿام۾ مدد ملي، سمورن صوبن اسمگلنگ خاتمي واري مهم ۾ وفاق جو ساٿ ڏنو، جيڪڏهن ارادو هجي ته سموريون رنڊڪون ختم ٿي وينديون آهن.
هن وڌيڪ چيو ته بشام واقعي سبب چين پاڪستان لاڳاپاپن کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، دشمن جي سمورين سازشن کي ناڪام بڻائڻ اسان جي گڏيل ذميواري آهي، گهرو وزير کي صوبن ۾ سيڪيورٽي جي حوالي سان جائزو وٺڻ جي هدايت ڪئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.