سنڌ جي بيراجن ۾ پاڻيءَ جي کوٽ، ڪيترن ئي علائقن ۾ پيئڻ جو پاڻي اڻ لڀ

ڪوٽڙي ( ويب ڊيسڪ ) سنڌ جي بيراجن ۾ پاڻيءَ جي کوٽ پيدا ٿي پئي آهي جنهن سبب جانور ۽ پکي به پاڻي ڦڙي کان محروم ٿي ويا آهن.
سنڌ جي ڪيترن ئي علائقن ۾ پيئڻ جو پاڻي اڻ لڀ ٿي ويو آهي، پاڻي کوٽ سبب ڏڪار واري صورتحال پيدا ٿي پئي آهي.
ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي جو وهڪرو ٺپ بند ٿي ويو آهي، لاڙ ۽ سامونڊي پٽي ۾ پاڻي کوٽ سميت گڊو ۽ سکر بيراجن تي به پاڻي جي کوٽ آهي.
ٽنڊو محمد خان، بدين، سجاول، ٺٽو ۽ ٻيا علائقا ڏڪار واري صورتحال جي اثر هيٺ آهن.
بيگاري سنڌ فيڊر ۽ رائيس ڪئنال کي پاڻي جي فراهمي بند آهي، گرمي هجڻ باوجود ماڻهو پاڻي لاءِ ميلن جا ميل پنڌ ڪرڻ تي مجبور آهن.
گڊو بئراج تي پاڻيءَ جو مٿانهون وهڪرو 32 هزار 126 ۽ هيٺانهون وهڪرو 27 هزار 964 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو.
سکر بئراج تي مٿانهون وهڪرو 26 هزار 980 جڏهن ته هيٺانهون وهڪرو 6 هزار 200 ڪيوسڪ آهي.
ڪوٽڙي بئراج تي هيٺانهون وهڪرو ٺپ بند آهي جڏهن ته مٿانهون وهڪرو 3 هزار 605 ڪيوسڪ آهي….

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.