پي ايس 80 ڪي اين شاهه تي پ پ اميدوار جي ڪامياب، جو نوٽيفڪيشن جاري

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) پي ايس 80 ڪي اين شاهه تي پ پ اميدوار زبير احمد جوڻيجو جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي.
پ پ جي اڳوڻي ايم پي اي عبدالعزيز جوڻيجو جي لاڏاڻي کانپوءِ پي ايس 80 جي سيٽ خالي ٿي هئي جنهن تي 21 اپريل تي ضمني چونڊون ٿيڻيون هيون.
ٻن آزاد اميدوارن پاران پ پ اميدوار زبير احمد جوڻيجو جي حمايت ۾ هٿ کڻڻ کانپوءِ پ پ اميدوار بنا مقابلي ڪامياب ٿي ويو هو.
ٻئي پاسي زبير احمد جوڻيجو جي بنا مقابلي ايم پي اي چونڊجڻ تي جوڻيجا هائوس ڪڪڙ، خانپور، ڪي اين شاهه ۽ تعلقي ۾ پ پ جيالن پاران مٺايون ورهايون ويون.
ڪاميابي ماڻيندڙ پ پ ايم پي اي زبير احمد جوڻيجو چيو ته پ پ قيادت پاران اعتماد ڪندي سيٽ حوالي ڪئي وئي، چاچي جو ڇڏيل مشن پورو ڪنداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.