ڪڪڙ ويجهو جوابدار ڪارنهن الزام هيٺ ڀيڻ ۽ نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو

ڪڪڙ ( ويب ڊيسڪ ) ڪڪڙ ويجهو جوابدار ڪارنهن الزام هيٺ ڀيڻ ۽ نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو.
ڳوٺ فقير محمد برهماڻي ۾ جوابدار مير برهماڻي ڪارنهن الزام هڻي نوجوان 16 ورهين جي ڀيڻ هيران برهماڻي کي گوليون هڻي قتل ڪرڻ بعد نوجوان آصف برھماڻي کي قتل ڪرڻ بعد فرار ٿي ويو.
جوابدار جي فائرنگ ۾ ھڪ واٽھڙو نوجوان پڻ سخت زخمي ٿي پيو،جنهن کي پوليس علاج لاءِ ليٽر ڏئي دادو اسپتال منتقل ڪيو.
پوليس ناري ۽ نوجوان جا لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيا،جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيا ويا.
پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي بعد جوابدار فرار ٿي ويو آهي،جنهن جي گرفتاري لاءِ ڪوششون ڪيون پيون وڃن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.