طالبان دهشتگردي جَي خاتمي لاءِ دنيا سان ڪيل واعدا پورا ڪن: آمريڪا

واشگنٽن (ويب ڊيسڪ ) آمريڪي پرڏيهي کاتي جَي ترجمان ميٿيو ملر چيو آهي ته اميد ته افغانستان يقيني بڻائيندو ته ان جي سرزمين دهشتگردي لاءِ استعمال نه ٿيندي، طالبان دهشتگردي جَي خاتمي لاءِ دنيا سان ڪيل واعدا پورا ڪن.
ميٿيو ملر پريس بريفنگ ۾ چيو ته افغانستان جي ذميواري آهي ته دهشتگردن جي محفوظ پناھ گاھ نه بڻجڻ ڏي، افغانستان القاعدا، داعش ۽ ٻين دهشتگرد گروپن کي پنهنجي ملڪ ۾ جڳهه نه ڏي.
هن چيو ته آمريڪا اڀرندڙ خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهي، 2022۾ داعش سميت دهشتگرد گروپن کي صدر جي حڪم تي نشانو بڻايو.
سندس چوڻ هو ته داعش اڳواڻ حاجي عبدالله تي ڪاميابي سان هوائي حملو ڪيو ويو، ڪابل ۾ ڪارروائي دوران القاعدا جو امير ۽ ايمن الظواهري به آمريڪي حملي ۾ مارجي ويا هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.