ماسڪو ڌماڪا، حملي آورن جَي يوڪريني شهرين سان واسطي جا ثبوت مليا آهن: جاچ ٽيم

ماسڪو (ويب ڊيسڪ ) روس جَي گاديءَ واري شهر ماسڪو جَي ڪنسرٽ هال تي حملي جِي جاچ ڪندڙ روسي ڪميٽي چيو آهي ته حملي آورن جَي يوڪريني شهرين سان تعلق جا ثبوت مليا آهن.
روسي جاچ ٽيم موجب حملي آورن کي يوڪرين مان روڪ رقم ۽ ڪرپٽو ڪرنسي ملي هئي.
ماسڪو جَي خابرو اداري موجب جمعي ڏينهن ڪنسرٽ هال تي حملي ۾ 140 کان مٿي ماڻهو مارجي ويا هئا.
خابرو اداري موجب روسي ڳجهي ايجنسي حملي جو الزام آمريڪا، برطانيا ۽ يوڪرين تي مڙهيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.