انصاف جِي عالمي عدالت جو اسرائيل کي غزا ۾ امداد جي فراهمي ۾ رنڊڪون ختم ڪرڻ جو حڪم

انصاف جِي عالمي عدالت اسرائيل لاءِ حڪم نامو جاري ڪندي چيو آهي ته اسرائيل کي غزا ۾ بنا رنڊڪ جي امداد فراهم ڪرڻ گهرجي.
انصاف جِي عالمي عدالت چيو ته خوراڪ، پاڻي، بجلي، ٻارڻ، پانهگاهون ۽ صحت جو سامان فراهم ڪيو وڃي، اسرائيل کي امداد لاءِ زميني ڪراسنگ پوائنٽس جو انگ وڌائڻ گهرجي.
حڪم نامي ۾ چيو ويو ته جيستائين ضروري هجي ڪراسنگ پوائنٽس کليل رکڻ گهرجن، اسرائيل يقيني بڻائي ته غزا ۾ انساني حقن جي خلاف ورزي نه ٿئي.
عالمي عدالت وڌيڪ چيو ته اسرائيل کي هڪ مهيني ۾ حڪمن تي عمل ڪري رپورٽ پيش ڪرڻي پوندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.