مسافر بس کاهيءَ ۾ ڪِري پئي، 45 ڄڻا اجل جو شڪار

ڪيپ ٽائون ( ويب ڊيسڪ ) ڏکڻ آفريڪا ۾ مسافر بس کاهي ۾ ڪري پئي، جنهن جي نتيجي ۾45 ڄڻا فوت ٿي ويا.
برطانوي نشرياتي اداري موجب افسوسناڪ واقعو ڏکڻ آفريڪا جي جبل واري علائقي مماٽلاڪالا ۾ پيش آيو، جڏهن ڊرائيور پنهنجو توازن وڃائي ويٺو ۽ مسافر بس 50 ميٽر اونهي درياهه ۾ ڪري پئي.
حادثي بعد بس کي باهه لڳي وئي، حادثي ۾ 8 ورهين جي ٻارڙي معجزاڻي طور بچي وئي، جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال پهچايو ويو.
بس ايسٽر جي زائرين کي بوٽسوانا جي گاديءَ واري هنڌ گبرون کان موريا جي شهر وٺي وڃي رهي هئي.
ٽرانسپورٽ واري وزير افسوسناڪ بس حادثي ۾ متاثر خاندانن سان تعزيت جو اظهار ڪندي واقعي جي مڪمل جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
هن چيو ته ڏکڻ آفريڪي حڪومت لاشن کي واپس آڻڻ ۾ مدد ڪندي ۽ حادثي جي سبب جي مڪمل جاچ ڪرائيندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.