ڊي جي رينجرز سنڌ جي صدارت ۾ اجلاس، ڪراچي جي امن امان جي صورتحال جو جائزو ورتو ويو

رينجرز هيڊ ڪوارٽر ۾ ڊي جي رينجرز سنڌ ميجر جنرل اظهر وقاص جي صدارت هيٺ سيڪيورٽي ڪانفرنس ٿي جنهن ۾ ڪراچي ۾ امن امان جي مجموعي صورتحال جو جائزو ورتو ويو.
ڪانفرنس ۾ ڪمشنر ڪراچي، ايديشنل آءِ جي، ڊي آءِ جي سي ٽي ڊي، جوائنٽ ڊي جي آءِ بي، ڊي آءِ جيز، پوليس، رينجرز ۽ حساس ادارن جي آفيسرن شرڪت ڪئي.
اجلاس ۾ يومِ علي، ايسٽر، رمضان جي آخري ڏهاڪي، چنڊ رات ۽ عيد جي مناسبت سان خاص سيڪيورٽي حڪمت عملي جو تفصيلي جائزو ورتو ويو ۽ ان سلسلي ۾ اپائن جي منظوري ڏني وئي.
اجلاس ۾ اسٽريٽ ڪرائيم جي خاتمي لاءِ جديد ٽيڪنالاجي بابت گڏيل حڪمت عملي جوڙي وئي، ان ڳالهه تي زور ڏنو ويو ته ڏنل حڪمن جي روشني ۾ قانون جي پاسداري کي هر ممڪن طور تي يقيني بڻايو ويندو.
ان موقعي تي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن امن امان جي صورتحال کي يقيني بڻائڻ، ڪنهن به قسم جي جبري فطري، زڪوات ۽ شدت پسندي پکيڙيندڙ عنصرن تي نظر رکڻ جي حوالي سان حڪمت عملي جو به نئين سر جائزو ورتو ويو….

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.