پرويز الاهي ۽ ٻيا جوابدار 4 اپريل تي فرد جرم لاءِ طلب

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) اينٽي ڪرپشن عدالت غير قانوني ڀرتين واري ڪيس ۾ پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي ۽ ٻين جوابدارن کي فرد جرم لاءِ طلب ڪري ورتو آهي.
لاهور جي اينٽي ڪرپشن ڪورٽ جي جج ارشد حسين ڀٽي گذريل ٻڌڻي جو لکت ۾ حڪم جاري ڪري ڇڏيو، عدالت چوڌري پرويز الاهي ۽ ٻين جوابدارن کي 4 اپريل تي فرد جرم لاءِ طلب ڪري ورتو.
عدالت فيصلي ۾ لکيو ته سينٽرل جيل راولپنڊي پرويز الاهي جون ميڊيڪل رپورٽون جمع ڪرايون، 17 مارچ تي تحريڪ انصاف اڳواڻ واش روم ۾ ڪري پيو، ڪرڻ سان پرويز الاهي جي پاسيري فريڪچر ٿي.
عدالتي حڪم ۾ وڌيڪ لکيو ويو آهي ته ميڊيڪل آفيسر پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير کي ٻن هفتن لاءِ آرام ڪرڻ جو مشورو ڏنو آهي.
جوابدار کي عدالت ۾ پيش نه ڪيو ويو جنهن سبب فرد جرم لاڳو نه ٿي سگهيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.