ملير ۾ ايڪسائيز نارڪوٽڪس ڪنٽرول ٽيم ڪامياب آپريشن، گرفتاريون

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) ملير ۾ سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ جي هدايتن تي ايڪسائيز نارڪوٽڪس ڪنٽرول ٽيم ڪامياب آپريشن ڪندي بدنام منشيات فروشن کي گرفتار ڪري ورتو. جوابدارن جي قبضي مان ساڍا ڏهه ڪلوگرام چرس هٿ ڪيو ويو.
ملير ڪينٽ روڊ تي فاطما جناح پارڪ ويجهو ايڪسائيز نارڪوٽڪس ڪنٽرول ٽيم آپريشن ڪيو، گرفتار جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي جڏهن ته جاچ ڪئي پئي وڃي.
صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ طرفان منشيات خلاف ڪامياب آپريشن تي ٽيم کي مبارڪون ڏنيون ويون آهن.
شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته اسان جي نوجوانن کي منشيات جي لعنت خلاف سرگرم ٿيڻ گهرجي، سجاڳي، آگاهي ۽ شموليت کي هٿي ڏئي اسان پنهنجي معاشري جو تحفظ يقيني بڻائي سگهون ٿا.
سينيئر وزير چيو ته منشيات کان پاڪ معاشري لاءِ هر فرد جو ڪردار اڻٽر آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.